سفر چاهتن جو

سفر چاهتن جو

سفر چاهتن جو

سفر چاهتن جو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ٻن ناليوارن شاعرن ۽ دوستن ڪوثر ٻرڙي ۽ مشتاق بخاريءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. ناليواري شاعر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي جي فن ۽ شخصيتن تي ناليوارن اديبن عنايت بلوچ، سرڪش سنڌي، نثار بزمي، مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي، غلام حسين رنگريز، زرينه بلوچ، نظر لاکائي، عبدالخالق عبد، بيخود بلوچ، امر اقبال، رجب ٻگهيي، حبيب ساجد ۽ امر ساهڙ جا رايا ڏنل آهن. جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ مشتاق بخاريءَ جي شخصيت توڙي فن تي ناليوارن شاعرن ۽ شاعرائن سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي، ساجده جبين، اشرف پير چنڊامي جا رايا ڏنل آهن. بئڪ ٽائيٽل تي جواد جعفري ۽ ڊاڪٽر مشتاق گل جا رايا شامل آهن. 144 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ڪنول پبليڪيشن قنبر، جون 2012ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو